سروجني نئڊو

سروجني نئڊو

سروجني نئڊو

سروجني نئڊو (بلبلِ هند): هندستان جي نامور سياستدان خاتون، سروجني نئڊو جو جنم بنگال جي برهم نگر ۾، هڪ وڏي برهمڻ خاندان ۾، 13 فيبروري 1879ع ۾ ٿيو. هوءَ پنهنجي پيءُ اگهورناٿ چٽوپاڌيه (چئرجي) جي وڏور ڌيءُ هئي. سندس ماءُ جو نالو وردا سندري ديوي هو. ٻارهن ورهين جي ڄمار ۾ مدراس يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. اهو پهريون مثال هو، جو هڪ هندستاني ڇوڪري ايڏيءَ ننڍيءَ عمر ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي، نظام سرڪار هن جي ذهانت ڏسي سندس لاءِ اسڪالرشپ منظور ڪئي ۽ هوءَ اعليٰ تعليم لاءِ 1895ع ۾، 16 ورهين جي ڄمار ۾ انگلنڊ وئي، جتي هن انگريزيءَ جو خوب اڀياس ڪيو ۽ لنڊن جي ڪنگس ڪاليج مان ڊاڪٽر آف سائنس جي ڊگري حاصل ڪري، هندستان موٽي آئي. هن جو والد اگهورناٿ هڪ عالم انسان هو. پنهنجي روزگار سانگي بنگال کان اچي حيدرآباد دکن ۾ گهر ڪري ويٺو، جتي هو تعليم کاتي ۾ ڪم ڪندو هو. سروجنيءَ کي شاعريءَ جو ڪافي شوق هو، جيڪو ورثو کيس ماءُ کان مليو. هن بنگاليءَ ۾ ڪيترا نظم لکيا. انگلنڊ ۾ به هن شاعري ڪئي، جيڪا
ڍنڍ جي راڻي‘ (Lady of Lake) عنوان سان ڪتابي صورت ۾ ڇپي، جنهنڪري سندس نالو هنڌين ماڳين مشهور ٿي ويو ۽ کيس ’هند جي بلبل‘ (Night angle of India) چيو ويو. 1898ع ۾ تعليم مڪمل ڪري هند موٽڻ تي سندس شادي ڊسمبر 1898ع ۾ گووند راجڪلو نئڊوءَ سان ٿي، جيڪو هڪ عالم ۽ آزاد خيالن وارو شخص هو. هن کي اُن مان ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئرون ٿيون. سروجنيءَ شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب به لکيو، جنهن جو نالو ‘The Golden Threshold’ هو. کيس راڳ ۽ شاعريءَ سان چڱو چاهه هو. هن جي مشهور نظمن ۾ ’موني‘، ’بسنت کي ڪوٺ‘، ’گهنشيام‘، ’ڏوليءَ وارا‘، ’جاڳو‘ ۽ ’ڀاڳ‘ شامل آهن.
پوني ۾ گوپال ڪرشن گوڪلي، جنهن ’ڀارت شيوڪ سماج‘ نالي هڪ تنظيم ٺاهي، اُن وٽ سروجني نئڊو گهڻو ايندي ويندي هئي، ۽ کيس ڪرشن ۽ گوپين تي رچيل پنهنجي شاعري ٻڌائيندي هئي. هڪڙي ڏينهن ٻئي ڀارت جا خدمتگار، ’ڀارت شيوڪ سماج‘ بلڊنگ جي کُڏ تي ويٺا هئا، سنجها جو وقت هو، سروجني نئڊو هڪ شعر ڳائي رهي هئي، جيڪو گوپال ڪرشن لهندڙ سورج ڏانهن ڏسندي ٻڌي رهيو هو. اوچتو هن اتساهه ۾ ڀرجي سروجنيءَ کي چيو ته: ”ديوي! تو ۾ اُتساهه آهي، شڪتي آهي ۽ قابليت آهي، تون سهڻي شاعري ڪرين ٿي، ڀلي ڪر، پر گڏوگڏ ديس جي شيوا به ڪر، اڄ کان وٺي تون وعدو ڪر ته تون مرڻ گهڙيءَ تائين پنهنجي ديس جي خدمت ڪندي رهندينءَ!.“
اُن ڏينهن کان وٺي هوءَ سماجي، علمي خدمتن ۾ مصروف رهي. هن تعليم جي واڌاري ۽ ڪُرسمن جي خاتمي لاءِ اٿڪ ڪوششون ڪيون. هوءَ پردي جي خلاف هئي. ناري سکيا کانسواءِ ملڪ جي ترقي ناممڪن سمجهندي هئي.
سروجني نئڊوءَ جي سياسي زندگي 1916ع کان شروع ٿئي ٿي. هوءَ پهريون ڀيرو لکنؤ ڪانگريس اجلاس ۾ شامل ٿي، بيٺڪي راڄ خلاف ۽ خودمختيار حڪومت (Self Government) جي فائدي ۾ زبردست تقرير ڪيائين. نتيجي طور کيس ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ليڪچر ڏيڻ لاءِ گهرايو ويندو هو. 1917ع ۾ ڀارت جي دوري تي نڪتي ۽ گهڻو ڪري هر پرڳڻي جي مکيه شهرن ۾ عام گڏجاڻين ۾ ليڪچر ڏنائين. 1918ع ۾ ڀاڳلپور ۾ ’بهار پرڳڻي جي شاگرد سميلن‘ ۾ مهاتما گانڌيءَ سان گڏ شريڪ ٿي ۽ شاگردن جي مسئلن تي فصيح زبان ۾ ليڪچر ڏنائين. ساڳئي ئي سال 1918ع ۾ ’مدراس صوبائي راڄنيتي ڪانفرنس‘ ڪانجي ورم ٿي، جنهن جو کيس صدر چونڊيو ويو. ساڳئي سال ڊسمبر ۾، دهليءَ ۾ ڪانگريس جي ’آل انڊيا سوشل ورڪرس ڪانفرنس‘ سندس صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ هن عورتن جي صحيح ترجماني ڪئي. 1919ع ۾ سروجني نئڊوءَ جنيوار ۾ ’انٽرنيشنل وومين ڪانفرنس‘ ۾ شريڪ ٿي هند جو نالو ڪڍيو ۽ سندس تقرير ڏاڍي پسند ڪئي وئي. 1922ع ۾ سروجني نئڊو کي ڪانگريس پاران آفريڪا موڪليو ويو، جتي هن هندستانين لاءِ ڪافي ڪم ڪيو. 1923ع ۾ ناگپور ۾ قومي جهنڊي جي ستياگرهه ۾ حصو ورتائين ۽ ماڻهن جي جيت تي ۽ سرڪار کي قومي جهنڊي تان بندش هٽائڻي پئي. 1925ع ۾ انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس جي صدر بڻي. جڏهن هوءَ آمريڪا وئي، ته سندس وڏو استقبال ٿيو ۽ سندس ليڪچرن ماڻهن کي ڏاڍو متاثر ڪيو. هوءَ آمريڪا ۾ ئي هئي ته آفريڪا ۾ رهندڙ هندستانين کيس ڪانگريس اجلاس جو صدر چونڊيو ۽ اتي وڃڻ وقت سندس وڏي مرحبا ٿي. 1930ع ۾ ’لوڻ ٽوڙيو تحريڪ‘ ۾ مهاتما گانڌيءَ سان گڏ جيل ۾ وئي، کيس ڇهه مهينا جيل جي سزا ملي. 1931ع ۾ مهاتما گانڌيءَ سان گڏجي گول ميز ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ لنڊن وئي. اُتان موٽي اچڻ تي جيئن سڀئي ڪانگريس ورڪنگ ميمبر گرفتار ٿيا، تيئن هوءَ به اُنهن سان گڏ جيل وئي. جيل مان نڪرڻ بعد پنجاب، سنڌ ۽ ڪن ٻين علائقن جو گشت ڪيائين. 1937ع جي صوبائي حڪومت جي چونڊن ۾ چڱو بهرو ورتائين، جنهن مان 14 مان 9 پرڳڻن ۾ ڪانگريس جي ڀارت ۾ حڪومت قائم ٿي. هن ڪانگريس جي فائدي ۾ چڱو پرچار ڪيو. هيءَ مهاتما گانڌيءَ جي پوئلڳ هئي. هندو مسلم اتحاد لاءِ وڏي جاکوڙ ڪيائين. شعرن ۽ تقريرن وسيلي پرچار ڪندي هئي. جڏهن 1947ع ۾ برصغير جي ورهاست ٿي ته آزاد هندستان ۾ سروجني نئڊوءَ کي يوپي پرڳڻي جو گورنر مقرر ڪيو ويو. هوءَ پهرين عورت هئي، جيڪا ايڏي وڏي پد تي پهتي هئي. هن اهو عهدو. ڏاڍي قابليت سان هلايو، هر ڪو سندس ساراهه ڪندو هو.
سروجني نئڊو آزاد خيالن جي عورت هئي. عورتن جي ترقيءَ ۽ حقن جو کيس گهڻو اونو هوندو. هر سال عورت ڪانفرنسن ۾ شامل ٿي کين گهڻو همٿائيندي رهندي هئي. آخري دم تائين ملڪ جي ترقيءَ ۽ عورتن ۾ سجاڳيءَ آڻڻ جو ڪم ڪندي رهي. سروجني نئڊو 2 مارچ 1949ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ سروجني نئڊوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1879.02.13  عيسوي

هندستان جي نامور سياستدان خاتون، سروجني نئڊو جو جنم بنگال جي برهم نگر ۾، هڪ وڏي برهمڻ خاندان ۾، 13 فيبروري 1879ع ۾ ٿيو.


1949.03.02  عيسوي

سروجني نئڊو 2 مارچ 1949ع ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڊاڪٽر رجب ميمڻ
راڻو رتن سنگهه
الهه بخش نظاماڻي
ثاقبه رحيم الدين
حسني مبارڪ
عبدالرحيم ڀرچونڊي
خورشيد حسن شيخ
چاچڙ حاجي خان اول
سعيده گوپانگ
حسن شيخ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون